اجايو دل جلي چري Read Count : 78

Category : Poems

Sub Category : N/A
نظم
عشق جي اميد تي
اجايو دل جلي چري
حوسپڻ جي رنگ ۾
حساسپائي وئي مري
روايتن جي روڳ جو
سماج کي سرو لڳو
اگر جي اک ڪا ملي
جهان کي برو لڳو
جلاوطن سڪون کي
سزاء موت وئي ملي
زليلپڻ جي ذوق کي
وري به جوت وئي ملي
جديدپڻ جي آڙ ۾
حيا شرم هليو ويو
اسان جون آرتيون سڀئي
سڄو ڌرم هليو ويو
عزيزپڻ جي ڍونگ ۾
تميزپائي ڇا رهي
حساسپڻ جو موت ٿيو
عزيزپائي ڇا رهي
چمين ۽ چاهتن سندي
مٺاسپائي وئي هلي
نواڻپڻ جي زنگ ۾
قديمپائي وئي هلي
خوشحالپڻ جي خون ۾
ڪا شادپائي نه رهي
عدالتن جا ڪنڌ جهڪيا
ڪا دادپائي نه رهي
دجالپڻ جي دور ۾
رهي نه ڪائي دلبري
جلادپڻ نظام مان
ملي نه ڪائي دلپري
عشق جي اميد تي
اجايو دل جلي چري

Comments

  • No Comments
Log Out?

Are you sure you want to log out?